سيرت النبي صه جلد ڇهون

سيرت النبي صه (جلد ڇهون: ڪتاب): حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي سيرت تي لکيل هي جامع ڪتاب، نامور ليکڪ علامه سيد سليمان ندويءَ لکيو آهي، جڏهن ته هن جو سنڌي ترجمو محمد نواز محزون ڪيو آهي. هي سيرت تي جامع ۽ ڪامل ڪتاب آهي. اسلام جا جيترا به شعبا ۽ ڀاڱا آهن ۽ جن جي اصولي ۽ بنيادي تعليم ڏنل آهي، سا هن ۾ بيان ٿيل آهي. اسلام جي بنيادي عقيدن ۽ عبادتن کان وٺي اسلام جي اجتماعي ۽ سياسي نظام جو بيان هن ۾ اچي وڃي ٿو.
هن ڪتاب ۾ سيرت نبوي ۽ سنت جو ڪو به اهم پهلو ۽ تعليم جو ڪو بنيادي حصو اهڙو نه آهي، جيڪو شامل نه هجي. ڪتاب ۾ آيل سڀني ڳالهين جا مستند حوالا ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب کي اٺن بابن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هن جي هرهڪ باب ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا مضمون شامل آهن. هن ڪتاب جي بابن جا عنوان هن ريت آهن: اخلاق، اسلام ۽ سهڻا اخلاق. اخلاقي معاملن ۾ سچي سرورصه جو مرتبو، اخلاق جو اسلامي فلسفو، اسلام جي اخلاقي تعليم جو تڪميلي ڪارنامو، اخلاقي تعليم جا طريقا ۽ انداز. اخلاق جون فضيلتون، رذائل ۽ ادب شامل آهن. 802 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب 1998ع ۾ دعوت اڪيڊمي، بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو